سيد محمد شاهه

سيد محمد شاهه: الحاج سيد محمد شاهه ولد سيد مير اول شاهه جو جنم 22 شوال 1308هه بمطابق 8 جون 1891ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هيءَ ’باقيل پوٽا‘ ساداتن مان هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم قاضي لعل محمد کان حاصل ڪئي. جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ ڇتن شاهه هو، جيڪو لاولد ٿي وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي، جيڪا جملي ڀائرن گڏجي حاجي الهه اوڀائي کي ٻڌائي، جنهن 1345هه/ 1926ع ۾ وفات ڪئي ته ڀائرن گڏجي حاجي محمد شاهه کي ڄاموٽ ڪيو.“ هن جي هٿ تي ڪيترا ماڻهو مسلمان ٿيا. هن انگريزن کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان دوران جواهرلال نهروءَ جي ميزباني ڪرڻ تي کيس 90 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو. ’انجمن سادات مٽياريءَ‘ جو بنياد پوڻ بعد 1924ع ۾ سن شهر ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ کيس تنظيم جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ’خلافت تحريڪ‘ ۾ به سيد حاجي محمد شاهه ڀرپور حصو ورتو. جڏهن خلافت تحريڪ پاران ترڪ موالات جو اعلان ڪيو ويو ته انگريزن ان کي ختم ڪرڻ لاءِ امن سڀائون قائم ڪيون، جنهن تي نامور عالمن امن سڀائن خلاف ’علماءِ سو‘ نالي سان فتوائن جو مجموعو جاري ڪيو، ان ۾ سيد محمد شاهه به امن ڪميشن جي برخلاف فتويٰ ڏني. ان کانسواءِ سيد محمد شاهه شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قائم ڪيل تنظيم ’آزاد سنڌ ڪانفرنس‘ ضلعي مٽياريءَ جو نائب صدر به رهيو. سيد حاجي محمد شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ پندرهـن حـج ادا ڪيا. ان کانسواءِ شاهه صاحب ان دور جي سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو.


لفظ سيد محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.06.08  عيسوي

الحاج سيد محمد شاهه ولد سيد مير اول شاهه جو جنم 22 شوال 1308هه بمطابق 8 جون 1891ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالمجيد الامجد
ڊپٽي نذير احمد
عبدالعزيز محدث ابهري مخدوم
عبدالڪريم لغاري مولانا
محمد هاشم سومرو
ابوالحسن ڏاهري
مخدوم عبدالواسع صديقي سيوستاني
عبدالرزاق قاضي مولانا
عبدالعليم صديقي قادري
فتح محمد نظاماڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون